سچاروي غلام حسين مشتاق

سچاروي غلام حسين مشتاق

غلام حسين مشتاق سچاروي

غلام حسين مشتاق سچاروي : نامور اديب غلام حسين ’مشتاق‘ سچارويءَ جو پورو نالو غلام حسين ولد رئيس ٻڍو خان آهي. هي 10 مئي 1937ع تي ڳوٺ شهداد خان برهماڻي، پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، سنڌي فائنل امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ هن سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ايم. اي (عربي)، ايم. اي (اردو) ۽ ايل. ايل. بي جون سنَدون حاصل ڪيون. هيءُ عربي، فارسيءَ جو عالم، فاضل آهي. ڏهه سال هاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ استاد رهيو، 1968ع کان 1978ع تائين پاڪستان آرميءَ جي ڪئپٽن جي عهدي تان ميڊيڪل گرانٽ تي رٽائر ٿيو. انهيءَ دوران فيڊرل ايجوڪيشن منسٽريءَ ۾ اسسٽنٽ ايجوڪيشن ايڊوائيزر ۽ فاريس اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر طور ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪيائين. ڏهه سال ميرپورخاص ۾ فرسٽ ڪلاس اعزازي مئجسٽريٽ رهيو، انهيءَ دوران سنڌ گريجوئيٽ ميرپورخاص، فاران ڪلب انٽرنيشنل ميرپورخاص، لطيف ڪائونسل، روٽري ڪلب ميرپورخاص، ڊسٽرڪٽ ڊس ايبلڊ ۽ ريهيبليٽيشن سينٽر ميرپورخاص ۽ هلال احمر جهڙن ادارن جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري به رهيو. پبلڪ اسڪول ميرپورخاص جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ڪيترين سماجي تنظيمن جو ميمبر رهيو. 1988ع کان 1998ع تائين روزاني اخبار ’سرواڻ‘ جو چيف ايڊيٽر رهيو. 1990ع کان هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. هن جي لکيل ڪتابن ۾: ’جام ڪوثر‘، ’آب ڪوثر‘، ’موتي مڻيادار‘، ’اکـر اکـر عـشـق‘، ’مـوتـي مـرجـان‘، ’گلـزار حبيـب‘، ’سـوز سـاز جا نغمـا‘، ’صحيفه عشق سنڌي‘ شامل آهن. ان کانسواءِ نثر ۾ ’آداب رسول الله صلي الله عليه وسلم‘، ’معراج النبي صلي الله عليه وسلم‘، ’حضرت علي عليه السلام جو نظام حڪومت‘، ’لوائح جامي جو منظوم ۽ نثري ترجمو‘، ’اسلامي تصوف‘ ڪتاب شامل آهن. ان کانسواءِ هي ’انجمن آفتاب ادب حيدرآباد‘ جو جنرل سيڪريٽري به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.10  عيسوي

نامور اديب غلام حسين ’مشتاق‘ سچارويءَ جو پورو نالو غلام حسين ولد رئيس ٻڍو خان آهي. هي 10 مئي 1937ع تي ڳوٺ شهداد خان برهماڻي، پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گنگا رام سمراٽ
ابراهيم سنڌي ڊاڪٽر
رانجهن ماسٽر رانجهن
سرور سيف
چڍڙ رمضان دلدار
طارق اشرف
عثمان علي انصاري
عبدالرزاق قريشي
پٺاڻ نثار احمد
حضور بخش صوفي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون